ڇانهين/ هنداڻو

ڇانهين/ هنداڻو

ڇانهين/ هنداڻو

ڇانهين/ هنداڻو: ڇانهون/ ڇانهين يا هنداڻو سنڌ ۾ عام ٿيندو آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Water Melon چئبو آهي ۽ ان جو سائنسي نالو Citrullus Vulgaris آهي. سنڌ ۽ برصغير پاڪ و هند ۾ هنداڻن جي پوک تمام آڳاٽي وقت کان ٿيندي اچي ٿي.
ڇانهينءَ جو اصل وطن آفريڪا کنڊ چيو وڃي ٿو. 1857ع ۾ لِوِنگ اسٽون (Living Stone) لکي ٿو ته: ڇانهين جا مٺا ۽ ڪوڙا قسم ٻئي ڪالاهاڙي (Kalahari) جي رڻ پٽ ۾ برساتن کان پوءِ عام جام ملندا هئا. سنڌ ۾ ٿر جي رڻ پٽ ۾ ڇانهن جي پوک برساتن کان پوءِ صدين کان وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي، جيئن ته هيءُ فصل به خريف جي مکيه فصلن مان هڪ آهي، سو هن فصل کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت پوي ٿي. سخت سردي يا پارو هيءُ فصل برداشت نٿو ڪري سگھي. ڇانهن جي في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻ لهي ٿي.
آبهوا (Climate): هيءُ فصل خريف جي مکيه فصلن مان آهي، تنهنڪري هن فصل کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت پوي ٿي، سخت سردي يا پارو هيءُ فصل برداشت نه ڪري سگهندو آهي.
پوکڻ جو وقت (Sowing Time): سنڌ ۾ هنداڻن جي وڏي پيماني تي پوک يا ته ڪچي وارين ايراضين ۾ ٿئي ٿي، جتي ٻوڏن جي پاڻي خشڪ ٿيڻ کان پوءِ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾ هيءُ فصل پوکيو وڃي ٿو. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ برساتن کان پوءِ هن فصل جي پوک ڪئي وڃي ٿي. ڪچي وارن علائقن ۾ پوکيل فصل فيبروريءَ جي آخر ڌاري يا مارچ جي شروعات ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو آهي، هيءُ فصل بوسي پچندو آهي، تنهنڪري هن ۾ ميٺاس گهڻو ٿئي ٿو، ڪچي واري فصل کي سرد هوائن کان بچائڻ لاءِ سَرن يا لون جي ڪاٺين جي مدد سان ڍڪيو ويندو آهي، سنڌ جي نهري علائقن ۾ ڇانهن جا ٻه فصل حاصل ڪيا ويندا آهن، هڪڙو فصل فيبروري-مارچ ۾ ۽ ٻيو فصل جون جولاءِ ۾ پوکيو ويندو آهي.
زمين جي چونڊ ۽ تياري (Soil Selection): هن فصل لاءِ وارياسي لٽاسي زمين يا وارياسي زمين وارو هنڌ موزون هوندو آهي. سم ۽ ڪلر واري زمين ۾ هن فصل جي پوک ڪامياب نه ٿي ٿئي، زمين کي ڪَنر هر سان پهريون هر ڏيئي ڀتر ڀڃجن، زمين ۾ ڳريل ۽ سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون 50 کان 40 گاڏيون في ايڪڙ جي حساب سان وجهي کيڙ ذريعي ملائڻ گهرجن، هن فصل جي پوک کِرن تي ۽ کرن کان سواءِ به ڪئي وڃي ٿي، پر کرن تي هنن جو بهتر فصل پيدا ٿئي ٿو.
پوکڻ جو طريقو ۽ ٻج جو مقدار (Sowing Method): ڇهن کان اٺن فوٽن جي مفاصلي تي کرا ٺاهي، زمين کي ريج جو پاڻي ڏجي، پاڻي زمين کي وڌيڪ ڏجي ته جيئن زمين پاڻي جذب ڪري وٺي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي جذب ٿيل پاڻي ٻوٽا استعمال ڪن ٿا.
D.A.P ڀاڻ جي هڪ ٻوري، فصل پوکڻ کان اڳ وجهي پوءِ کرا ٺاهجن، پوکڻ کان اڳ ٻج کي ڇهه کان اٺ ڪلاڪ ڇيڻي جي رس ۾ پسائي پوءِ پوکڻ گهرجي، ٻج صرف آڳاٽي فصل ۽ ڪچي واري زمين ۾ پوکڻ لاءِ پسائڻ گهرجي، هڪ جاءِ تي ٻه کان ٽي داڻا ٻج جا پوکجن. جڏهن ٻج ڄمي بس ڪري ۽ ٻوٽا ٽن کان چئن انچن جا ٿين ته هڪ جاءِ تي صرف هڪ تندرست ٻوٽو ڇڏجي، في ايڪڙ تي ٻج ٻن کان اڍائي ڪلوگرام استعمال ڪجي، ڇانهين جون سفارش ڪيل جنسون ديسي ۽ ولائتي آهن، جن ۾ ولائتي جنس ۽ شوگر بيبي قابل ذڪر آهن.
پاڻي، ڀاڻ ۽ گُڏ (Irrigation): هن فصل کي پاڻيءَ جي ضرورت گهٽ پوي ٿي. هن کي پاڻي گل ٻاٽيءَ مهل ڏجي، جيڪڏهن ريج گهٽ هجي ته پوءِ فصل کي پهريون پاڻي فصل پوکڻ کانپوءِ هڪ مهيني جي اندر ڏجي ۽ ٻيو پاڻي گل ٻاٽي جهلڻ مهل ڏجي، گل ٻاٽي جهلڻ مهل فصل مان گُڏ ڪڍي هڪ يا اڌ ٻوري يوريا ڀاڻ جي فصلن کي ڏيئي پوءِ پاڻي ڏجي، ان کان اڳ جيڪڏهن فصل ۾ گندگاهه جا ٻوٽا هجن ته انهن کي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.
پيداوار (Yield): ڇانهين جي في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻ لهي ٿي.
ڇاڻ: ڪڻڪ، ٻاجهر، جوئر وغيره جي اٽي کي ڇاڻي جيڪي تهه ڪڍبا آهن، تن کي ڇاڻ چئبو آهي. طبي ماهرن ۽ حڪمت جي ماهرن موجب ڇاڻيل اٽو انساني صحت لاءِ ڪارآمد آهي. ڇاڻ طبي لحاظ کان ڪن بيمارين ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن. ڇاڻ ۾ نشاستو (Corbohydrate) نه هئڻ برابر هوندو آهي، ان ڪري اڄڪلهه ڇاڻ گڏيل اٽي مان برائون بريڊ ٺاهي ويندي آهي، جيڪا ڊائيٽنگ ڪندڙ ماڻهو واپرائيندا آهن. ڇاڻ کي ڪوسو ڪري سوڄ ۽ سور وارين جاين تي ٽاڪور به ڪبي آهي. ڇاڻ جي رٻ رڌي کارائڻ سان سيني جي سور کي فائدو رسي ٿو.
ڇاڻ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي ديهه ٻائي لڪي، يونين ڪائونسل گونگاڻي، تعلقي شاهبندر، ضلعي ٺٽي ۾ واقع هئي ۽ هينئر درياهه جي پيٽ ۾ اچي وئي آهي. ڍنڍ جي ويجھو ڳوٺ چارڻ آهي. ڍنڍ جي ايراضي 60/50 ايڪڙن تائين ڦهليل هئي. ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جام ٿيندو هو. ان کان سواءِ هتي بهه، ڪُم، لوڙهه ۽ پٻڻ به ٿيندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو